پروفيسر اعجاز قريشي

پروفيسر اعجاز قريشي

اعجاز قريشي پروفيسر

اعجاز قريشي، پروفيسر: مشهور سنڌي اديب، مورخ، تعليمي ماهر ۽ سماجي اڳواڻ پروفيسر اعجاز قريشي، 2 جنوري 1948ع تي اڳوڻي ضلعي دادوءَ جي ’بختيارپور‘ ڳوٺ ۾، سنڌ جي مشهور وڪيل علي احمد قريشيءَ جي گهر ۾ ڄائو. سنڌ يونيورسٽيءَ مان اقتصاديات ۾ ايم. اي ڪرڻ کان پوءِ، يونيورسٽيءَ پاران اسڪالرشپ ملڻ تي، لنڊن يونيورسٽيءَ مان معاشيات ۾ ايم. اي ڪري وطن موٽيو. سندس تصنيفن ۾ هيٺيان ڪتاب شامل آهن: ’سنڌ ۾ آبپاشيءَ جا مسئلا ۽ زراعت‘ (لنڊن يونيورسٽيءَ مان ڪيل ايم اي جي انگريزيءَ ۾ ٿيسز، جنهن جو بعد ۾ سنڌيءَ ۾ ترجمو ٿيو): ’ سنڌ جي تاريخ ارغون ۽ ترخان دور‘، ’ سنڌ جي تاريخ ڪيئن لکجي‘ ۽ ’تاريخ جو سبق‘ (ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتابن جا ترجما): ’سنڌ جي اقتصاديات‘ (شريڪ مصنف، سنڌالاجيءَ طرفان ڇپايل)، ’سنڌ جو آواز‘ (ڊاڪٽر مبارڪ عليءَ جي ڪتاب جو ترجمو)، ’اچو ته نئين سنڌ جي تعمير ڪريون‘. ’هي جي واڪا واءُ ۾‘، ’چار مارچ ۽ اڄوڪي سنڌ‘ (ترتيب)، ’ڏاها هن ڏيهه جا‘ (ڪونج رسالي ممبئيءَ پاران ڇپيل)، ’ڪوميلا کان اورنگيءَ تائين‘، (اختر حميد خان جي ڪتاب جو ترجمو)، سنڌي ٻولي، ماضي، حال ۽ مستقبل (ترتيب)، ’قاضي فيض محمد‘ (شخصيت ۽ فڪر: 2021ع)، ’ون يونٽ ۽ سنڌ‘ (2015ع)، ’ون يونٽ اور سندهه‘ (اردو: 2018ع)، ’ڪراچيءَ جو ڪيس‘ (2017ع)، ’سنڌي ٻوليءَ بابت مقالا ۽ مضمون‘ (2017ع)، ’محمد ابراهيم جويو: جديد سنڌ جي شعور جو اڏڻهار‘ (2016ع)، ’تاج صحرائي: ڏاهو محقق، تعليمدان ۽ عالم‘ (2011ع)، ’سنڌي ٻولي: ماضي، حال ۽ مستقبل‘ (2008ع)، ’جنين ڏاند نه ٻج‘ (مسعود کدر پوش جي هاري رپورٽ جو ترجمو: 2005ع)، ’سنڌ لاءِ دعا‘ (طويل نثري نظم 2000ع)، ’سنڌ اتهاس جي آرسيءَ ۾‘ (ترجمو: 2002ع)، ’شعيب سلطان خان‘ (ترجمو: 2004ع)، ’تاريخ جو فلسفو‘ (ڊاڪٽر مبارڪ علي جي ڪتاب جو ترجمو: 1990ع)، ’تخيل جو موت‘ (ارونڌتي راءِ جي مضمونن جو ترجمو: 2018ع)، ’بينظير ڀٽو جا انٽرويو‘ (ترتيب: 2014ع)، ’ڪامريڊ غلام محمد لغاري: هڪ عظيم هاري ليڊر‘ (2021ع)، ’سيد غلام مصطفيٰ شاهه: سنڌ جو عالم، سنڌ جو مفڪر‘ (2019ع)، ’يادن جا ورق‘ (ايڊٽ ڪيل: 2013ع). ان کان علاوه سندس هيٺيان ڪتاب انگريزي ۾ پڻ شايع ٿيل آهن: (1) One Unit and Sindh (2020) (2) Interviews of Benazeer Bhutto (2014) (3) Canal Irrigation in Sindh and its Economic Significance: 1900-1940 (1975) (4) Economy of Sindh (Co-Author With Dr Amjad Ali) (5) Economy of Modren Sindh (Co-author with Dr Ishrat Hussain and Nadeem Hussain) انهيءَ کان سواءِ اقتصاديات، سماجيات ۽ سنڌ جي ادبي، ثقافتي، فني ۽ معاشي مسئلن تي 200 کن تحقيقي مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپيل اٿس. انهيءَ کان سواءِ سندس ننڍڙا سفرناما پڻ ڇپيل آهن. مترجم جي حيثيت سان سنڌ بابت انگريز عملدارن ۽ ٻين جي مضمونن جا انگريزيءَ مان سنڌيءَ ۾ ڪيترا ترجما پڻ ڇپيل اٿس. ان کانسواءِ ”قاضي فيض محمد: شخصيت ۽ فڪر“ جي نالي هڪ ڪتاب ترتيب ڏئي 2021ع ۾ شايع ڪرايو اٿس. پروفيسر اعجاز قريشيءَ، 8 سال حڪومت پاڪستان طرفان قائم ڪيل نئشنل رورل سپورٽ پروگرام (NRSP) جو ڊائريڪٽر رهيو آهي. جڏهن ته سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ قائم ڪيل ”سنڌ ڊيولپمينٽ اسٽڊي سينٽر“ جو ڊائريڪٽر، مهراڻ يونيورسٽيءَ ۾ ”ڊائريڪٽر پلاننگ“، سنڌ يونيورسٽيءَ جي آءِ بي ايس جو ڊائريڪٽر، سنڌ ايجوڪيشن ٽرسٽ جو سيڪريٽري، اين جي اوز فيڊريشن سنڌ جو چونڊيل چيئرمئن، بيسنت هال ٿياسافيڪل سوسائٽيءَ جو مئنيجنگ ميمبر ۽ ايس آر ايس پي جو سيڪريٽري پڻ رهيو آهي. لنڊن يونيورسٽيءَ ۾ کيس ٻه ڀيرا وزيٽنگ فيلو به چونڊيو ويو، جڏهن ته آمريڪا جو وڏي ۾ وڏو تعليمي اوارڊ ’فل برائيٽ‘ به کيس ملي چُڪو آهي. سيڊا ۾ جنرل مئنيجر به رهيو ۽ سنڌ ۾ پاڻيءَ/آب پاشيءَ جي سڌارن تي ڪم ڪيائين.


هن صفحي کي شيئر ڪريو